کسوا ٹریول & ڻورز سروسز

کسوا ٹریول & ڻورز سروسز کسوه ٹریول & ڻورز سروسز
الحمدللہ!
ہم آپ کو کسوا آسان عمره اسکيم کے ذريعے عمرہ کی سعادت آسان اقساط میں فراہم کرتے ہیں۔

13/09/2026
13/09/2026

🌹 الحمدلله ثم الحمدلله 🌹
الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان ڪسوه ٽريول اينڊ ٽور سروس ۽ ڪسوا آسان عمره اسڪيم جو ٽيون گروپ خيريت سان عمره جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ مڪه مڪرمہ ۽ مدينه منوره جي مقدس سفر تي روانو ٿي چڪو آهي. 🕋❤️

هن بابرڪت سفر ۾ اسان جي علائقي جون معزز شخصيتون،
جناب رئيس خدا بخش مگسي صاحب،
جناب الله بخش مگسي صاحب،
جناب منٺار علي مگسي صاحب
۽ سندن فيملي شامل آهن.

اسان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دل سان دعاگو آهيون ته الله پاڪ سندن هن مقدس سفر کي پنهنجي خاص فضل ۽ ڪرم سان آسان فرمائي، کين صحت، سلامتي ۽ خيريت سان عمره جي سعادت نصيب فرمائي، سندن عبادتون ۽ دعائون قبول فرمائي ۽ بارگاهه الٰهي ۾ سندن حاضري قبول فرمائي. 🤲❤️

الله پاڪ کين خيريت سان مڪه مڪرمہ ۽ مدينه منوره پهچائي ۽ اسان سڀني کي به بار بار پنهنجي مقدس گهر بيت الله شريف ۽ روضهٔ رسول ﷺ جي حاضري نصيب فرمائي.

آمين يا رب العالمين 🤲❤️

🌹 ڪسوه ٽريول اينڊ ٽور سروس
🌹 ڪسوا آسان عمره اسڪيم

10/09/2026

🌹 الحمدلله ثم الحمدلله 🌹

اڄ 10 سيپٽمبر 2026ع تي ڪسوا آسان عمره اسڪيم جي نائين قرعه اندازي خير و عافيت سان ٿي گذري، جنهن ۾ ٻن خوشنصيب ميمبرن جا نالا قرعه اندازي ذريعي ڪڍيا ويا.

✨ نائين قرعه اندازي جا خوشنصيب: ✨

🥇 ٽوڪن نمبر 16
🌹 جناب غلام قادر شر صاحب، ڄام صاحب

🥈 ٽوڪن نمبر 67
🌹 محترمه، زوجه جناب محسن خان کوسو صاحب

ڪسوا مينيجمينٽ طرفان ٻنهي خوشنصيب ميمبرن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪجي ٿي۔ ❤️🌹

الله پاڪ کين پنهنجي پياري گهر بيت الله شريف ۽ مديني منوره جي حاضري نصيب فرمائي، سندن سفر کي آسان، بابرڪت ۽ قبول فرمائي۔ 🤲🕋💚

۽ الله پاڪ اسان سڀني کي به بار بار پنهنجي مقدس گهر جي حاضري ۽ روضۂ رسول ﷺ جي زيارت نصيب فرمائي۔ آمين يا رب العالمين۔ 🤲❤️

ڪسوا آسان عمره اسڪيم — خدمت، سهڪار ۽ حاضريِ حرم جو هڪ سهڻو سفر 🌹🕋

Address

New Khokhar Restorant, Nawabshah Sanghar Road Magsi Stop Near Gupchani District Shaheed BenazirAbad
Nawabshah

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when کسوا ٹریول & ڻورز سروسز posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share