12/09/2026
سعودي عرب سميت عرب ملڪن ۾ ڇڪتاڻ، پاڪستان مان 60 کان وڌيڪ اڏامون ڪينسل
پاڪستان کان سعودي عرب، رياض، عرب امارات ۽ ٻين عرب ملڪن ڏانهن ويندڙ هوائي سفر ڇڪتاڻ سبب متاثر ٿيو آهي. هوائي اڏن جي ذريعن موجب ملڪ جي مختلف هوائي اڏن تان 60 کان وڌيڪ اڏامون ڪينسل ڪيون ويون آهن، جنهن سبب هزارين مسافر پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
لاهور جي علامه اقبال عالمي هوائي اڏي تان 15، ڪراچي جي جناح عالمي هوائي اڏي تان 19 ۽ اسلام آباد هوائي اڏي تان 14 اڏامون ڪينسل ٿيون. ان کان علاوه سيالڪوٽ مان 2، فيصل آباد مان 4، پشاور مان 4 ۽ ملتان مان 5 اڏامون به ڪينسل ڪيون ويون.
هوائي اڏن تي ملڪي ۽ پرڏيهي هوائي ڪمپنين جي اڏامن جي وقتن ۾ بار بار تبديليون ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب مسافرن کي پنهنجي سفر بابت غيريقيني صورتحال ۽ وڌيڪ انتظار کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مسافرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو هوائي اڏي روانو ٿيڻ کان اڳ پنهنجي اڏام جي تازي صورتحال معلوم ڪن.
# Al Kashif Travel and Tours