11/10/2025
پنھنجي وطن سنڌو ديش خاطر جيڪي 16 سالن جي نوجوان کان وٺي 60 سال جي عمر تائين جي ديش ڀڳتن جن وطن خاطر جان جو نظرانو ڏنو آھي، جيڪي جيرا سڙيا آھن، ٽارچر سيلن ۾ گولين جا بک بڻيا آھن، چونڪن تي سينن ۾ گوليون کاڌيون آھن، جيڪي ٽارچر سيلن ۾ پنھنجي جسمن تي ھر غير انساني تشدد سٺو آھي، جنن پنھنجا ٻچا ڇڏي، پنھنجون وفادار زالون ڇڏي سھڻيون محبوبائون ڇڏي ڌرتيء تان قربان ٿي ويا آھن، جيڪي وطن خاطر جلاوطن آھن، جيڪي اڄ بي روپوشي ۾ زندگي گذارين ٿا، پنھنجن پيارن ماء پيء کي ڪلھو بي نٿا ڏئي سگھن، پنھنجي خوبصورت جواني جھنگ جبل ٻني ٻاري ۾ رھي سمھي گذارين ٿا، مرڻو پرڻو سنگت ساٿ جي خوشين غمين کان محروم زندگي گذارين ٿا. ۽ جيڪي گولي ھلائن ٿا جيڪي مظاھرو ڪن ٿا جيڪي دنيا ۾ سنڌو ديش جو آواز پڄائين ٿا جيڪي ڪامريڊن جي مدد ڪن ٿا جيڪي لکن ٿا پنھنجو پنھنجو حصي جو ڪم وت ۽ وس آھر سچائي ۽ ايمانداري سان ڪن ٿا ته ڇا اھي سڀ تڪليفون قربانيون ضعايا ٿينديون ڇا ؟
ھرگز ھرگز نه
پاڪستان جا ڏينھن پورا ٿي چڪا آھن.
اھو ڏينھن ھاڻ پري نه آھي جو سنڌو ديش جو جھنڊو
اقوام متحدا ۾ جھولندو ۽ سنڌي قوم دنيا ۾ ھڪ آزاد خودمختيار خوشحال قوم ھوندي ، جيڪا آزادي کان پوء شاھ سچل سامي جي تعليمات کي دنيا ۾ پڙھائي دنيا جي قومن کي حق سچ ۽ انسانيات کان روشناس ڪرائنداسين. بقعول سائين جي ايم سيد ته دنيا ۾ سنڌو ديش ئي،
دنيا جي ملڪن ۾ اتحاد جي لاء پل جو ڪردار ادا ڪندو ،
ڇو ته اتحاد انساني سان ئي امن عالم ٿيندو ۽ پوء حقيقي ترقي بنه آدم ٿيندي . سائين جي ايم سيد جو نظريو مڪمل ڪامياب ٿيندو .
اتحاد انساني امن عالم ترقي بنه آدم