
26/08/2025
اتر سنڌ وارن لاءِ خوشخبري
هاڻي ويزا پروٽيڪٽر لاءِ ڪراچي وڃڻ جي ڪا به ضرورت ناهي
سکر ۾ ويزا پروٽيڪٽر جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي
جيڪا خاص ڪري اتر سنڌ جي عوام لاءِ هڪ وڏو سُڪون ۽ سهولت آهي.
هاڻي توهان پنهنجا ضروري ويزا پروٽيڪٽر جا ڪم پاڻ سکر مان ئي آسانيءَ سان ڪري سگهو ٿا،
نه ڪي ڊگهي سفر جي تڪليف، نه خرچن جو بار
هي قدم انهن سڀني محنت ڪش روزگار وارن لاءِ آسانيون پيدا ڪندو،
جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪن ٿا.
هن خوشخبري کي وڌيڪ ماڻهن سان شيئر ڪريو
ته جيئن هر ڪو هن سهولت مان فائدو وٺي سگهي.